ديوان گدو مل

ديوان گدو مل: ديوان گدومل ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي وقت ۾ ملڪ جو وڏو واپاري ۽ اثر رسوخ وارو شخص هو. هيءُ اصل ۾ لاڙڪاڻي جي شهاڻي خاندان مان هو، سندس خاندان لاڙڪاڻي ۾ ڪلهوڙن جي سپهه سالار شاهه بهاري جي سرڪاري ملازمت سان لاڳاپيل هو. ديوان گدومل ميان نور محمد ڪلهوڙي جي درٻار جي مکيه وزيرن مان ۽ خاص صلاحڪار هو. سندس خاندان ان وقت جو عامل گھراڻو هو، ۽ ان ئي دور ۾ سموريءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويو. 1738ع ڌاري ايران جو بادشاهه نادر شاهه افغاني دهلي فتح ڪري ايران ورڻ وقت سنڌ تي حملي آور ٿيو. نور محمد ڪلهوڙي کان فوج جي رهائشي انتظام سميت وڏي رقم جي گھر ڪيائين، جنهن تان نور محمد ڪلهوڙي کيس کتو جواب ڏياري موڪليو. ان ڪري نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. ان دوران ميان نور محمد خداآباد وارو تختگاهه ڇڏي وڃي ڪڇ طرف لڪو. نادر شاهه افغانيءَ جڏهن نور محمد ڪلهوڙي کي ڪڇ مان گرفتار ڪري لاڙڪاڻي ۾ آندو ته سندن وچ ۾ ٺاهه ڪرائيندڙ ديوان گدومل هو. جنهن ٺاهه هيٺ ميان نور محمد دهلي سلطنت کي ساليانو خراج ڏيڻ قبوليو. ستت ئي نادر شاهه جي مارجي وڃڻ کانپوءِ احمد شاهه ابداليءَ جي مسند نشين ٿيڻ سان اهو خراج بند ڪيو ويو. 1739ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ جڏهن ڪاهيندو نوشهري فيروز پهتو ته گدومل ساڻس ملاقات ڪري ٻيهر ٺاهه ڪرايو ۽ خراج ڏيڻ جي وعدي تي، ميان نور محمد حڪومت تي برقرار رهي، ملڪي ڪاروهنوار هلايو. 1754ع ۾ ميان نور محمد جي وفات بعد ميان مرادياب ڪلهوڙي کي نصرپور ۾ تخت نشينيءَ جو تاج پهرائيندڙ به ديوان گدومل هو. ديوان گدومل کي پنهنجو اولاد نه ٿيو. سندس ڀاءُ جي اولاد هن جي نالي جي نسبت سان گدواڻي سڏايو، جيڪي هينئر تائين گدواڻي سڏجن ٿا. هن جي نالي سان سندس حيدرآباد واري جاءِ لڳ سنڌو درياهه تي هڪ بندر هو، جتي هن اچي پنهنجو بنگلو ۽ بندر تعمير ڪرايو. اهو علائقو ٽنڊي گدوءَ جي نالي ۽ بندر ’گدو بندر‘ جي نالي مشهور هو. هاڻي سڄو علائقو گدو بندر جي نالي سان مشهور آهي. اتي موجود ذهني مريضن جي اسپتال به سندس نالي سان مشهور آهي.


لفظ ديوان گدو ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو